امام بخش امام زرداري

امام بخش ’امام‘ زرداري: هن نوابشاهه ويجهو، حاجي محمد بخش زرداريءَ جي گهر ۾ پهرين آڪٽوبر 1965ع تي جنم ورتو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ 1981ع ۾ ”دانشگاهه جعفريه“ ۾ داخل ٿيو. بعد ۾ مشارع العلوم لطيف آباد (حيدرآباد) ۽ ”دانشگاهه جعفريه مهدي آباد“ ٿرپارڪر ۾ غلام مهدي نجفي، ثمر حسين ۽ عباس علي نفجيءَ وٽ تعليم حاصل ڪيائين. 1986ع ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هو ايران جي شهر ’قم‘ ويو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان اسلامڪ ڪلچر ۾ ”امربالمعروف و نهي عن المنڪر“ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ چاهي، ان حوالي سان، هن ايم. فل جي ٿيسز جمع ڪرائي، پر اوچتي حادثي سبب سندس ارادو مڪمل نه ٿي سگهيو. هن نوابشاهه ۾ ”مدينة العلم“ نالي سان هڪ مدرسو به قائم ڪيو. 35 سالن جي عمر ۾ فقہ جعفريه جو هيءُ عالم 28 جنوري 2000ع تي، ايران ۾ هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. کيس اتي ئي شهر ”قم“ ۾، اٺين امام، علي رضا رحه جي ڀيڻ بيبي معصومه جي حرم اڳيان دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.10.01  عيسوي

امام بخش ’امام‘ زرداري پهرين آڪٽوبر 1965ع تي جنم ورتو


2000.01.28  عيسوي

امام بخش ’امام‘ زرداري 28 جنوري 2000ع تي ، ايران ۾ هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي عارف مصطفيٰ
پرمانند ڀنڊار
ڀٽي مخدوم ابراهيم
بروهي علي احمد
بڪيرائي مراد علي شاهه
عابده گهانگهرو ڊاڪٽر
جوڌا ٻائي
اچل پرساد سوامي
اياز علي شاهه شيرازي
شاڪر عباس سمراٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون